لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته چين پا??ستان جو پراڻو دوست آهي، جنهن هر ڏکئي وقت ۾ پا??ستان جي مدد ڪئي، چين پا??ستان اقتصادي راهد??ري (سي پيڪ) جهڙي قومي نوعيت جي ترقياتي منصوبن تي سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي سياست کان مٿانهون ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم ميڊيا آفيس جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان مطابق انهن خيالن جو اظهار هن صحافين جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. چين جي سرڪ??ري اد??ري چائنا پبلڪ ڊپلوميسي ايسوسيئيشن جي دعوت تي چين جي سرڪ??ري دوري تان واپس آيل صحافين جي 7 رڪني وفد گذريل ڏينهن لاهور ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ه??ڻوڪي چين جي دوري ۾ چيني قيادت ۽ چيني عوام طرفان مثالي مهمان نوازي تي انهن جو ٿورائتو آهيان، چين جي ه??ڻوڪي دوري کان پوءِ مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي اڳڀرائي جي پا?? نگراني ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته پا??ستان ۾ چين جي رهواسين جي سيڪيورٽي لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته چين جهڙي پراڻي دوست سان لاڳاپن تي سياست جي ڪنهن به قسم جي گنجائش ناهي، سي پيڪ جي ٻي مرحلي تي تيزي سان عملدرآمد ج??ري آهي. هن چيو ته چيني ماهرن جي پا??ستان جي ه??ڻوڪي دوري ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. ملاقات ۾ سڌسماءَ وا??و وفاقي وزير عطا الله تارڙ به موجود هو. صحافين جي وفد ۾ دنيا نيوز جو سلمان غني، عامر مير، هم نيوز جو شيراز حسن، روزنامه جنگ جو خضر حيات، ڊان نيوز جو خالد حسنين، جيو نيوز جو اعظم ملڪ ۽ پا??ستان ٽيليويزن جو مطيع الرحمان شامل هئا. وفد جي ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي چين جي ه??ڻوڪي دوري دوران تجربن ۽ پا?? چين لاڳاپن جي حوالي سان پنهنجي خيالن کان آگاهه ڪيو. وفد پنهنجي چين جي دوري دوران ٿيل ملاقاتن جي بنياد تي وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته چين پا??ستان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم کي چيني قيادت ۽ چيني عوام جي پا??ستان حڪومت بابت تاثرن کان به آگاهه ڪندي ٻڌايو ته پا??ستان ۾ چيني سيڙپڪ??ري خاص طور چين پا??ستان اقتصادي راهد??ري تي ڪم جي موجوده رفتار ۽ منصوبن جي مڪمل ٿيڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومتي قدمن تي اطمينان جو تاثر ڏٺو پيو وڃي. چيني عهديدارن شهباز اسپيڊ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم جي سڌارن وارن قدمن جي به تعريف ڪئي. وفد ۾ شامل ٿيندڙن ٻڌايو ته سندن هاڻوڪي دوري دوران چيني عهديدارن سان ملاقات ۾ چين پا??ستان معاشي شراڪتد??ري ب??ري ۾ عام طور ۽ سي پيڪ تي خاص طور گرم جوشي جو تاثر مليو.
سي پيڪ جهڙي قومي نوعيت جي ترقياتي منصوبن تي سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي سياست کان مٿانهون ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná