اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ??شم??ر استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ??شم??ري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبض?? هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي پنجين ورسيءَ جي موقعي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت سومر ڏينهن استحصال ڏهاڙو ملهايو. بيان موجب ان موقعي تي صدر، وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان موقعي تي خصوصي پيغامن ۾ ??شم??ر ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي قيادت کي خط لکيا ته انهن کي 5 آگسٽ 2019ع کان ??ارتي قدمن جي سنگين نتيجن کان آگاهه ڪري سگهجي. هن پنهنجي خطن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد تي زور ڏنو ته جيئن ڄمون ۽ ??شم??ر جي عوام کي پنهنجي مستقبل جو پاڻ فيصلو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهجي. پرڏيهي سيڪريٽري استحصال ڏهاڙي جي سلسلي ۾ 2 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ قائم سفارتي مشن کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبض?? هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن عالمي قانون، امن ۽ سلامتي جي ڏس ۽ انساني حقن جي صورتحال جو تجزيو ڪيو. بيان موجب ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبض?? هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سومر ڏينهن جي اسلام آباد ۾ ڪانسٽي ٽيوشن ايونيو کان پارليامينٽ بلڊنگ تائين هڪ خصوصي واڪ منعقد ڪئي وئي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ ??شم??ر ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير ان موقعي تي خاص مهمان هئا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ مختلف سرگرميون منعقد ڪيون پيون وڃ??. پ??ڪستاني ۽ ??شم??ري ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي فعال شرڪت سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جا سفارتي مشن به ??شم??ري عوام جي خراب حالت بابت عالمي سطح تي آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ خصوصي تقريبن جو اهتمام ڪري رهيا آهن.
پاڪستان پاران ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ