لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آ??ي، ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن جا 5 سال پورا ٿيڻ جي موقعي تي اسان ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. گذريل ڏينهن اي پي پي سان خاص ??ال??ه ٻولهه ۾ هن چيو ته ڀارت جا 5 آگسٽ 2019 وارا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترن ئي ٺهرائن جون ڀڃڪڙيون آهن، جن ۾ اهو چيو ويو هو ته رياست ڄمون ڪشمير جي مستقبل جو حتمي فيصلو ڪشمي??ي عوام جي مرضي مطابق آزاد، غيرجانبدار ۽ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ووٽنگ ذريعي ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. ڀارت غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ناپاڪ ڪارروائين سان گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي رهيو آ??ي جنهن سان ڏکڻ ايشيا ۽ خطي لاءِ سنگين خطرا آهن. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون ٺهرائون ۽ ڪشمي??ي عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير تڪرار جو حل خطي ?? پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آ??ي. وفاقي وزير چيو ته اسان والاريل ڪشمير جي سمورن شهيدن کي انهن جي لازوال قرباني ۽ انهن جي پونئرن کي ان عزم ۽ حوصلي لاءِ ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا.
ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ڪشمير تڪرار جو حل خطي ۾ جٽادار امن کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي: راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : ریل رش