بيجنگ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته س?? پيڪ، واپاري راهداريون گرين انرجي ۽ ڪلين ٽيڪنالا??ي تي ٻڌل آهن، هاءِ ويز ۽ بندرگاهن کي مستقبل جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي بڻايو ويندو، ٽرانسپورٽ جي شعبي ??ي ترجيح معاشي بهتري، روزگار جي فراهمي ۽ قومي ترقي جي ايجنڊا کي حوصلو ڏيندڙ آهي. وفاقي وزير چين ۾ گلوبل ٽرانسپورٽ فورم 2024ع کي خطاب ڪندي چ??و ته پاڪستان کي شهري آبادي ۾ واڌ ۽ ماحولياتي تباهيءَ جا وڏا چئلينج درپيش آهن، آمدورفت جي ذريعن ۾ بهتري لاءِ شهرين ??ي تحفظ کي به نظر ۾ رکڻو پوندو، سي پيڪ ۽ چائينا بيلٽ ??وڊ منصوبن سان پاڪستان ۽ چين ٻئي فائدو ماڻيندا. وفاقي وزير چ??و ته پاڪ چائينا اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) تحت انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ بهتري آندي پئي وڃي. وفاقي وزير چ??و ته س?? پيڪ جون واپاري رهداريون گرين انرجي ۽ ڪلين ٽيڪنالا??ي تي ٻَڌل آه??. ه?? چ??و ته پاڪستان جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ غير مناسب ٽرانسپورٽ سسٽم معاشي دٻاءُ جو سبب آهي، اسان کي هاءِ ويز ۽ بندرگاهن کي مستقبل جي ضرورت موجب بڻائڻو آهي. مواصلاتي نظام ۾ بهتريءَ سان معيشت سميت ثقافت ۽ معاشرت کي هٿي ملند??. ه?? چ??و ته ڪورونا جي وبا کانپوءِ ٻين تبديلين کان علاوه گلوبل لاجسٽڪس پڻ نئون رُخ اختيار ڪري ورتو آه??. ه?? چ??و ته اِي ڪامرس ۽ ڊجيٽل طريقن سان ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ ضم ٿيڻ سان بهتري آئي آهي، گلوبل ٽرانسپورٽ فورم سان ٽرانسپورٽ جي شعبي کي مُنهن ڏيڻ وارن مسئلن جا نوان حل تلاش ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير چ??و ته پاڪستان مواصلات جي شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ گرين ٽيڪنالاجي جو حامي آه??. ه?? چين جي ٽرانسپورٽ واري وزير سان خاص ٿورو مڃيو. بيجنگ ۾ ٿيل گلوبل ٽرانسپورٽ فورم مان نيپال ۽ ٿائلينڊ جي نائب وزيراعظم به خطاب ڪيو. فورم ۾ آذربائيجان، ڪمبوڊيا، يونان، ڪينيا، ڪويت، قطر، سنگاپور، تاجڪستان ۽ تنزانيه جي وزيرن به شرڪت ڪئي. بعد ۾ چين ۽ پاڪستان کان علاوه ازبڪستان، ويٽنام ۽ ٻين ملڪن جا اعليٰ عملدار به ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا.
پاڪستان کي شهري آبادي ۾ واڌ ۽ ماحولياتي تباهيءَ جا وڏا چئلينج درپيش آهن: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات