اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ ڪوئلي جي کاڻ تي ڪم ڪندڙ پورھيتن تي ھٿياربندن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 20 پورھيت فوت ٿيا ??ھن. جاري ڪيل بيان ۾ گھرو وزير محسن نقوي واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي فوت ٿيل پورهيتن جي وارثن سان دلي ھمدردي ۽ تعزيت جو اظھار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. گھرو وزير محسن نقوي چيو ته حڪومت فوتي پورھيتن جي گھرڀاتين جي غم ۾ برابر جي شريڪ ??ھي ۽ ڏک جي هن گھڙي ۾ وارثن سان گڏ آھيون. ھن وڌيڪ چيو ته فائرنگ جي واقعي ۾ ملوث ش??پس??دن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، بي گناھه پورھيتن کي قتل ڪرڻ وارا ڪنھن به قسم جي رعايت جا حقدار نه ??ھن.
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا