اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪرڻ جي قرارداد پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اس??اق ڊار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سميت اڳوڻن اسپيڪرن جن علائقائي تعاون جي فروغ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، کي ??راج تحسين پيش ڪري ٿو. هي ايوان ايس سي او جي هدفن ۽ مقصدن کي ??اصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت پاران مڪمل حمايت جي عزم جي اظهار کي ??اراهي ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان سمجهي ٿو ت?? 27 ??الن کانپوءِ پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جهڙو ڪو وڏو ايونٽ ڪاميابي سان منعقد ٿيو، شنگهائي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ اهم سنگ ميل آهي، هي ايوان حڪومت کي ??فارتي محاذ تي ملندڙ ڪاميابين تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هي ايوان سمجهي ٿو ته ايس سي او سربراهه اجلاس سان پاڪستان جو مثبت تشخص اڀريو آهي. ايس سي او سربراهه اجلاس جي ڪامياب انعقاد سان پاڪستان کي ??لائقائي واپار ۾ مدد ۽ امن ۽ اس??حڪام کي فروغ ملندو. هي ايوان شنگهائي تعاون تنظيم جي خطي ۾ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ سلامتي جي مسئلن تي اهم ڪردار کي ??سليم ڪري ٿو. هي ايوان سمجهي ٿو ته پاڪستان خطي جو اهم ۽ متحرڪ ملڪ آهي، خطي جي اهم علائقائي ۽ سلامتي جي مسئلن تي ايس سي او ڪانفرنس ۾ پاڪستان جو مضبوط موقف پاڪستاني قوم جي ترجماني آهي. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان پاڪستان حڪومت، پرڏيهي وزارت، اطلاعات واري وزارت، گهرو وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادا??ن بشمول پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج جي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سمٽ جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ اهم ڪردار کي ??راج تحسين پيش ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان ايس سي او ڪانفرنس جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر کي ??وبصورتي سان سجائڻ، مهمانن جي آجيان ڪرڻ ۽ پاڪستان جي وقار کي ??لند ڪرڻ جي لاءِ سمورن حڪومتي ادارن جي خدمتن کي ??اراهي ٿو. هي ايوان ايس سي او سمٽ ۾ مهمانن جي پاڪستان اچڻ کان وٺي انهن جي رخصتي تائين جن ادارن ۽ آفيشلز پنهنجا فرض سرانجام ڏنا، انهن سڀني کي پوري قوم پاران خراج تحسين پيش ڪري ٿو.
عطاءُ الله تارڙ پاران قومي اسيمبلي ۾ ايس سي او جي ڪامياب انعقاد تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪرڻ جي قرارداد پيش
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری