اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير ??ينيٽر محمد اسحاق ڊار نيوزيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير ونسٽن پيٽرز سان ملاقات ڪئي آهي. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان طرفان جاري پڌرائي مطابق سينيٽر محمد اسحاق ڊار ساموا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن (سي ايڇ او جي اي??) جي اجلاس جي موقعي تي نيوزيلينڊ جي پرڏ??هي وزير ??ان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي حوالي سان دستياب موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي بنهي اڳواڻن گڏيل مفادن لاءِ سمورن شعبن ?? ٻنهي ملڪن وچ ۾ وسيع لاڳاپن جون جا گڏيل رستا ڳولهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير ونسٽن پيٽرز ٻه طرفا واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مختلف قدمن جي توثيق تي نيوزيلينڊ جو ٿورو مڃيندي پرڏ??هي وزير چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل وراثت ۽ گڏيل اخلاقيات ذريعي هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ اثرائتي گهڻ رخي، جمهوري ۽ انساني عزت ۽ وقار کي هٿي ڏيڻ ۾ گڏيل مفاد رکن ٿا.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي نيوزيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ