واشنگٽن -02 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ??و??ائ??ڊن اتحادين کي يقين ڏياريندي چيو آهي، ته يوڪرين لاءِ آمريڪا جي مدد جاري رهندي، وائيٽ هائوس ۾ رمارڪس ڏيندي جو??ائ??ڊن ڪانگريس تي زور ڀريو آهي، ته ج??د کان جلد ا??دادي پئڪيج تي ڳالهايو ويندو، اسان وٽ وڌيڪ وقت ناهي، اسان ڪنهن به صورت ۾ يوڪرين لاءِ آمريڪي حمايت کي روڪڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. هن چيو ته ڊيمو ڪريٽس ۽ ري پبلڪن جي اڪثريت يوڪرين جي مدد ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿي. واضح رهي ته يورپي يونين ي پاليسي چيف جوزف بوريل يوڪرين جي دوري دوران چيو هو ته يوڪرين جي مدد لاءِ هڪ نئين تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ اميد آهي ته يوڪرين لاءِ آمريڪي حمايت جاري رهندي. گذريل هفتي ڪيپيٽل هل ۾ آمريڪي نمائندن واري ايوان جي ميمبرن يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي سان ملاقات ڪئي. صدر ??يلنسڪي ملاقات دوران چيو ته يوڪرين جنگ کٽي رهيو آهي جڏهن ته اضافي امداد تمام ضروري آهي. ملاقات بعد سينٽر چڪ شومر يوڪرين جي صدر ??ي حوالي سان چيو هو ته ج??ڪڏهن کين امداد نه ملي ته هو جنگ هارجي ويندا.
ڪنهن به صورت ۾ يوڪرين لاءِ آمريڪي حمايت کي روڪڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي: جوبائيڊن
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر