برلن-08 جنوري (اي پي پي) سوئٽزرلينڊ جي صدر ڪيرن ڪيلرسوٽر اعلان ڪيو آهي ته سندس ملڪ يوڪريني بحران جي حل ۾ ٽياڪڙي طور تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن يوڪريني صدر وولوديمير زيلنسڪي سان ٽيلي فونڪ رابطي دوران ڊ??هي مدي تائين انساني ۽ نئين تعمير جي منصوبن ۽ ري عمل ۾ حصو وجهڻ جي خواهش ۽ سوئزرلينڊ جي جاري حمايت جو يقين ڏياريو. ڊسمبر جي آخر ۾ سوئٽزرلينڊ جي پرڏيهي وزير نگنازيو ڪاسز چيو هو ته سندس ملڪ پاڻ کي يوڪريني بحران جي حل جي هڪ حصي جي طور ڏسي ٿو. ان کان اڳ سوئس پرڏيهي وزارت چيو ته ملڪ جون اختياريون يوڪرين ۾ جنگ بندي جي قيا?? تي ڳا??هين جي تياري ۾ حصو وٺي ر??يو?? آهن.
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری