اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ايندڙ مالي سال 17 – 2016ع جي لاءِ اٽڪل 43 کرب 95 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ معاشري جي ڪمزور طبقن جي ??هولت لاءِ ڪيترائي قدم، ترقياتي ايجنڊا، بهتر مالياتي نظم ۽ ضبط وسيلي خسارو گهٽ ڪرڻ، معاشي استحڪام کي هٿي وٺرائڻ، اوڳاڙين، سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار ۾ اضافي تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو آهي، بجيٽ ۾ معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي زراعت جي ??عبي جي ??رقي لاءِ ق??من جو اعلان ڪيو ويو آهي، سرڪاري ملازمن جي لاءِ 2013ع ۽ 2014ع جي ??ارضي اضافي کي بنيادي پگهار جو حصو بڻايو پيو وڃي ۽ وفاقي حڪومت جي ??مورن ملازمن کي پهرين جولاءِ 2016ع کان هلندڙ بنيادي پگهار تي 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس ڏنو ويندو، مزدور طبقي جي ڀلائي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي ??رح 13000 مان وڌائي 14000 ڪئي وئي آهي، پاڪستان جي ??نعتي روانگي واپار جي 5 وڏن شعبن ٽيڪسٽائيل، چمڙي، قالين، راندين جي ??امان ۽ جراحي جي ??وزارن کي زيرو ريٽيڊ سيلز ٽيڪس جي نظام تحت آندو ويو آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لاءِ 115 ارب رپيا رکيا ويا آهن، پاڪستان بيت المال جي ??جيٽ ٻيڻي ڪري 4 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، ٽن سالن جي ??جيٽ حڪمت عملي تحت جي ڊي پي جي واڌويجهه جي ??رح کي مالي سال 18 – 2019ع تائين آهستي آهستي 7 سيڪڙو تائين آندو ويندو، ناڻي واڌ کي هڪ انگ تائين محدود رکيو ويندو، سيڙپڪاري جي ??رح 21 س??ڪڙو تائين وڌائي ويندي، مالي خسارو گهٽ ڪري جي ڊي پي جي 3.5 سيڪڙو تائين آندو ويندو، جي ڊي پي ۾ ٽيڪس جي ??رح کي 14 سيڪڙو تائين وڌايو ويندو، پرڏيهي ناڻي جي ??خيرن کي 30 ارب ڊالر تائين پهچايو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ ناڻي واري وفاقي وزي?? سينيٽر اسحاق ڊار ايندڙ مالي سال 17 – 2016ع جي ??جيٽ پيش ڪئي.
وفاقي حڪومت پاران نئين سال جي 43 کرب 95 ارب رپين جي بجيٽ پيش
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی