اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??اڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو ضامن آهي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن چين جي انفارميشن آفيس آف دي اسٽيٽ ڪائونسل جي ڊائريڪٽر (منسٽر) جيانگ زيانگو سان ملاقات ۾ چئي جنهن ساڻس هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. هن چيو ته ??اڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مثالي دوستاڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت جي هر آزمائش تي ان لاءِ پورا لهن ٿا ڇو ته اهي لاڳاپا گڏيل اعتماد، گهري ڀائيچاري، محبت ۽ عزت ت?? ٻڌل آهن. مملڪتي وزير چيو ت?? ٻنهي ملڪن جي عوام ڀائيچاري ۽ هڪ ٻئي سان جذباتي وابستگي جهڙن رشتن ۾ ڳنڍيل آهي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر