رياض – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان بحرين، ترڪيه، مصر ۽ گيميبيا جي هم منصبن سا?? ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ فلسطيني عوام جي حقن جي بحالي کي يقيني بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبدالطيف بن راشد الزياني سا?? رابطي دوران فلسطيني علائقن جي صورتحال، هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت ۾ عرب، اسلامي قدمن کي تيز ڪرڻ ۽ برادر فلسطيني عوام جي حقن جي بحالي يقيني بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کان علاوه عالمي انساني قانون جي اسرائيلي ڀڃڪڙين کي روڪڻ ۽ ان حوالي سا?? ڪيل ڪوششن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شهزاده فيصل بن فرحان جمهوريا گيميبيا جي پرڏيهي وزير ممدوتنگارا سا?? رابطي دوران فلسطيني علائقن جي صورتحال، فلسطين ۽ ان جي برادر عوام خلاف هر قسم جي اسرائيلي ڀڃڪڙين کي روڪ?? لاءِ عرب، اسلامي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ان کان علاوه ترڪيه جي هم منصب هاڪان فيدان سا?? رابطي ۾ اسلامي ملڪن جي ڪوششن جي فريم ورڪ اندر فلسطين مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن جو مقصد فلسطيني رياست ۽ ان جي عوام جي جائز حقن جي بحالي ۽ جنگ بندي لاءِ گڏيل سهڪار کي تيز ڪرڻ، اسرا??يل کي سمورن بين الاقوامي انساني قانونن جي ڀڃڪڙين کان روڪڻ آهي. مصري پرڏيهي وزير سا?? ڳالهه ٻولهه دوران فلسطيني علائقن جي صورتحال، اسرا??يل جي سمورين سنگين ڀڃڪڙين جي فوري خاتمي لاءِ گڏيل عرب ۽ اسلامي قدمن کي مضبوط بڻائڻ، هڪ محفوظ ۽ مستحڪم فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سعودي پرڏيهي وزير پاران مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس