اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان شروع ??ين??ن ??ان افغانستان جي مسئلي کي سياسي ذريعن سان حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندو آيو آهي، آمريڪي انتظاميا س??دس سوچ سان اتفاق ڪندي افغانستان جي مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي سوچ تبديل ڪئي آهي، اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان جو امن ۽ استحڪام افغانستان جي امن سان واڳيل آهي، افغانستان ۾ اهڙا ٺڪاڻا موجو?? آهن جتان پاڪستان ۾ ڪارروايون ڪيون وڃن ٿيون. قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي 10 جوانن شهادت ماڻي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو ته اهي ملڪ جي تحفظ لاءِ پنهنجي رت سان ملڪ جي جاگرافيائي ۽ نظرياتي سرحدن جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻين ٿا.
مضمون کا ماخذ : quina acumulada