اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي حفاظتي تدبيرن تي سختي س??ن عملدرآمد ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آ??ي ته ان وبا سان ڪيترائي چئلينجز سامهون آيا آهن جن تي معاشري جي سمورن طبقن جي فعال حمايت ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ موثر هم آهنگي سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيرن عيدالاضحيٰ جي مناسبت س??ن عيد جي شاپنگ ۽ قرباني جي جانورن جي خريداري جي حوالي سان ايس او پيز تي عملدرآمد بابت تجويزن کان صدر کي آگاهه ڪيو. صدر وزيرن کي چيو ته اهي انهن تجويزن جي صوبائي حڪومتن سان ڏي وٺ ڪن ۽ سمورن حصيدارن سان مشاورت ڪن ته جيئن انهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. هن عوام تي زور ڏنو ته عيدالاضحيٰ جي مناسبت سان شاپنگ ۽ قرباني جي جانورن جي خريداري جي لاءِ رش ۽ ٻين ميڙن کان پاسو ڪن.
ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي حفاظتي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد ڪيو وڃي: صدر
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina