اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معاشري ۽ حڪومت تي زور ڏنو آهي ته هو عورتن جي ??اءِ هڪ صحتمنداڻي ۽ محفوظ ماحول کي يقيني بڻائين ڇو ته ان جو مڪمل ۽ ذميدار ڪردار هڪ ترقي يافته ۽ خوشحال پاڪستان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. هن اها ڳالهه هم وومن ليڊرز اي??ارڊز 2021ع جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي جنهن جو اهتمام هم نيٽ ورڪ ڪيو. هن چيو ته نئين پاڪستان جو قيام هڪ بدلجندڙ پاڪستان، ترقي پسند پاڪستان ۽ ڪامياب پاڪستان حاصل ڪرڻ صرف انهي وقت ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن عورتون ذميداري سان پنهنجو مڪمل ڪردار ادا ڪنديون. تقريب ۾ خاتون اول ثمينه علوي، وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، شفق?? محمود، سفارتڪارن، مشهور شخصيتن، شوبز، ميڊيا ۽ زندگي جي ??ين شعبن سان تعلق رکندڙ مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي. اهو ڏينهن عورتن جي انساني حقن، ڇوڪرين جي تعليم، هٿياربند فوج، پوليس سروسز، ماحولياتي تحفظ، فائن آرٽس جي شعبي ۾ انهن جي ڪردار جي اعتراف ۾ پاڪستان آرمي جي سرجن جنرل ليفٽيننٽ جنرل گنار جوهر، نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي، مشهور صوفي گلوڪاره عابده پروين، انساني ??قن جي ڪارڪن عائشه چندريگر، پشتون خاتون ڪارڪن تبسم عدنان، انساني ??قن جي ڪارڪن حنا جيلاني، ماهر علم ۽ تاريخ عائشه جلال، ميڪ اپ آرٽسٽ مسرت مصباح، اردن جي شهزادي ثروت الحسن، ڊي ايس پي شهزادي گلفام، ايڪواڊور جي سياستدانن ۽ عورتن جي ??قن جي ڪارڪن ماريه فلانڊا، ايس پي نورساگارسس کي اي??ارڊ ڏنا ويا جڏهن ته ملڪ رفيق اعواڻ کي پنهنجي ??نجن ڌيئرن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ ۽ سي ايس ايس جي امتحانن جي ??اءِ ڪواليفائي ڪرڻ تي به اي??ارڊ ڏنو ويو. ان جي ??ن پٽن پنهنجي ??الد کي اي??ارڊ ڏنو. مشهور اداڪاره بشريٰ انصاري به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. صدر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته عورتن کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ کانسواءِ معاشري ۽ حڪومت کي گهرجي ته هو ان حد تائين انهن جي تحفظ کي يقيني بڻائين ته جئين انهن کي ڪنهن به طرح حراسان نه ٿين ۽ پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي. هن چيو ته عورتن جي ??ا ڪوششون ڏهاڪن کان جاري آهن. هن فاطمه جناح، بيگم رانا لياقت علي خان جي ??عال ڪردار جي به واکاڻ ڪئي ۽ هم نيٽ ورڪ جي صدر سلطانه صديقي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو.
حڪومت عورتن جي لاءِ هڪ صحتمنداڻي ۽ محفوظ ماحول کي يقيني بڻائي: صدر
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina