اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڏکڻ آفريقا جي رانديگر هرشبل گبز تي ڪشمير ليگ کان پاسو اختيار ڪرڻ جي ل??ءِ دٻاءُ وجهڻ افسوسناڪ آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪرڪيٽ کي سياست جي ل??ءِ استعمال ڪرڻ جو عمل ??ري??در مودي اڳ ۾ به ڪري چڪو آهي جنهن جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته هرشل گبز تي پابندي جي ل??ءِ دٻاءُ وجهڻ سان ڪشمير جي تحريڪ کي ڪو نقصان نه پهچندو پر فائدو ئي ٿيندو. هن چيو ته پنهنجي غيرمنطقي سياسي مقصدن جي ل??ءِ عالمي رانديگرن کي ر??ڪي هي پنهنجو ئي نقصان ڪندا. هن چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جا لکين شوقين آهن، ڪرڪيٽ کي سياست کان جدا رکڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير ليگ پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي ل??ءِ اهميت رکندڙ آهي، ماڻهو ان کي ڏسڻ چاهين ٿا.
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino