اسلام آباد – پهرين ??ومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته وڏين صنعتن جي فعال ٿيڻ سان هنرمند افرادي قوت جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم عمر??ن خان سان عقيل ڪريم ڍيڍي ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي مجموعي اقتصادي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين ??ڻ ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم عمر??ن خان چيو ته اسان ملڪ ۾ مع??شي استحڪام تي خاص ڌيان ڏنو آهي، ڪوويڊ 19 جي باوجود حڪومت وچولي کان ڊگهي مدي وارن اقتصادي سڌارن طرف ڪاميابي سان گامزن آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ اسان جي اقتصادي صورتحال مستحڪم ٿي آهي. وزيراعظم لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ سيڪٽر جي ترقي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ان سان هنرمند افرادي قوت جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. عقيل ڪريم ڍيڍي ملڪ ۾ مع??شي بحالي جي لاءِ حڪومتي قد??ن کي ساراهيو. هن چيو ته انهن قد??ن سان ملڪ جي اقتصادي ۽ صنعتي ترقي تي ڏورس مثبت اثر پوندا.
وڏين صنعتن جي فعال ٿيڻ سان هنرمند افرادي قوت جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ