اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيمرا ۾ ٽي وي چينلز جي ??وا?? کي مانيٽر ڪرڻ ۽ شڪايتن جي حل لاءِ هڪ موثر مڪينزم موجود آهي، پيمرا جي 2015ع جي ??وڊ آف ڪنڊڪٽ تحت ??وا?? جي نگراني کي يقيني بڻايو وڃي ٿو، مارننگ شوز کي به ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ موجب مانيٽر ڪيو وڃي ٿو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران قومي اسيمبلي ميمبر صلاح الدين ايوبي جي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته پيمرا جي ??وڊ آف ڪنڊڪٽ جا مختلف سيڪشنز آهن، عام عوام کي شڪايتن جي نظام تائين پهچ ڏيڻ جي لاءِ ٽول فري نمبر پڻ فراهم ڪيو ويو آهي ته جي??ن ڪا اهڙي شيءَ جيڪا رپورٽ يا مانيٽر نه ٿي هجي، ان تي ايڪشن وٺي سگهجي. هن چيو ته پيمرا جو م??نيٽرنگ سيٽ اپ انتهائي موثر آهي، پيمرا جي ريجنل هيڊڪوارٽرز ۾ پڻ شڪايتن جو مڪينزم موجود آهي ته جي??ن ڪو به اهڙو ??وا?? اچي ته ان جو فوري خاتمو ڪري سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته لائيو ٽيلي ڪاسٽ ۾ 10 سيڪنڊ جي دير هوندي آهي، ان وقت جي اندر ??وا?? کي ڪيپچر يا مانيٽر ڪري اسڪرين تي آڻڻ کان روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته پيمرا جي 2015ع جي ??وڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزين، مانيٽرنگ ۽ مڪينز جي حوالي سان جن ٽي وي چينلز کي جنهن ??وا?? تي جي??رو ڏنڊ هنيو ويو آهي، ان جي ??يٽا ميمبرن کي فراهم ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن ڪٿي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزي ٿي آهي ته اسيمبلي ميمبر آگاهه ڪن، ان معاملي کي ذاتي طور تي ڏسنديس. قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر شازيه ثوبيه جي ضمني سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مارننگ شيوز کي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ موجب مانيٽر ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪو اهڙو م??رننگ شو آهي جنهن ۾ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي ته ٻڌايو وڃي، ان کي ذاتي طور تي ڏسنديس. هن چيو ته شام 7 وڳي کانپوءِ ٿيندڙ تاڪ شوز جي مقابلي ۾ مارننگ شوز کي ميوزيڪل ۽ ڪلچرل جي ??س ۾ ڏٺو وڃي ٿو.
پيمرا ۾ ٽي وي چينلز جي مواد کي مانيٽر ڪرڻ ۽ شڪايتن جي حل لاءِ هڪ موثر مڪينزم موجود آهي: وفاقي وزير مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج