اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان معاشي تباهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري تي عوامي مجرم آهي، کيس جواب ڏيڻو پوندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران خان تماشو ڪري ۽ ڪوڙ ڳالهائي عوام تي جيڪو ظلم ڪيو، ان جي جواب کان هو ڀڄي نٿو سگهي. وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ 2022ع ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور دوران ملڪي ترقي جي حوالي سان انگن اکرن جو چارٽ به شيئر ڪيو، ان چارٽ موجب 2018ع ۾ ڊالر جي قيمت 116 رو??ين کان وڌي 2022ع ۾ 189 ر??پي?? ٿي وئي، قومي ترقي جي رفتار 6.1 سيڪڙو کان گهٽجي 4 سيڪڙو (امڪاني)، مهانگائي 39. سيڪڙو کان وڌي 13 سيڪڙو، ??ذا??ي مهانگائي 2.3 سيڪڙو کان وڌي 15 سيڪڙو، آٽو 20 ڪلو 700 رو??ين مان وڌي 1100 ر??پي??، کنڊ في ڪلو 53 رو??ين مان وڌي 90 ر??پي??، گيهه في ڪلو 151 رو??ين مان وڌي 470 ر??پي??، بجلي في يونٽ 11 رو??ين مان وڌي 25 ر??پي??، گئس 600 ر??پي?? ايم ايم بي ٽي يو مان وڌي 1400 ر??پي?? ايم ايم بي ٽي يو، يوريا ٻوري جي قيمت 1380 رو??ين کان وڌي 1918 ر??پي?? (3 هزار تائين به وڪرو ٿي)، مالي خسارو 2260 ارب رو??ين مان وڌي 5600 ارب ر??پي?? (امڪاني)، واپاري خسارو 30.9 ارب ڊالر مان وڌي 43 ارب ڊالر، جي ڊي پي ۽ ٽيڪس جو تناسب 11.1 سيڪڙو کان گهٽ ٿي ڪري 9.2 سيڪڙو، حڪومتي قرض 1947ع کان وٺي 2018ع تائين 24953 ارب رو??ين مان وڌي ساڍا ٽن سالن ۾ 42745 ارب ر??پي??، بيروزگارن جو تعداد 35 لک کان وڌي 95 لک ٿي ويو جنهن ۾ 60 لک بيروزگارن جو اضافو ٿيو، اهڙي طرح ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي ڪرپشن تي اسيپشن انڊيڪس رينڪنگ 117 کان وڌي 140 ٿي، ڪرپشن ۾ 23 سيڪڙو اضافو ٿيو، چار سالن ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ ماڻهن جي تعداد ۾ 2 ڪروڙ ماڻهن سميت 1.3 ڪروڙ ٻارن جو اضافو ٿيو.
عمران خان معاشي تباهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري تي عوامي مجرم آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا