اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه مان دريافت ٿيندڙ گئس جي ذخيرن مان عوا?? کي گئس جي فوري فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان فوجي فائونڊيشن گروپ جي چيئرمين وقار احمد ملڪ ۽ ماڙي پيٽروليم جي سربراهه فهيم حيدر ملاقات ڪئي. پيٽروليم وارو مملڪتي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ پيٽروليم وارو سيڪريٽري پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اڳوڻي قبائلي ع??ائقن مان دريافت ٿيل گئس فوري طور تي ع??ا?? کي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني. خيبرپختونخواهه جي ع??ائقي بنون مان 10 کرب ڪيوبڪ فٽ گئس جا ذخيرا دريافت ٿيا هئا. وزيراعظم اهي ذخيرا عوا?? کي گئس جي کوٽ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظ?? کي اتر وزيرستان، بنون ۾ نئين دريافت ٿيندڙ ذخيرن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظ?? کي گئس جي شعبي جي مجموعي صورتحال، طلب ۽ پهچ کان آگاه?? ڪيو ويو. وزيراعظم لاڳاپيل علائقن جي ع??ا?? کي به دريافت ٿيل گئس جا ثمر فراهم ڪرڻ ۽ علائقي جي ترقي، سماجي ڀلائي، تعليم، صحت جي حوالي سان سفارشون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته کيس آگاه?? ڪيو وڃي ته جن علائقن مان گئس نڪتي آهي اتان جي ع??ام ۽ ٻارن کي ڇا ملندو.
وزيراعظم پاران خيبرپختونخواهه مان دريافت ٿيندڙ گئس عوام کي فراهمي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج