اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعطم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ائٽمي ۽ ميزائيل پروگرام جي حوالي سان سوشل ۽ پرنٽ ميڊيا تي گردش ڪندڙ تازن سمورن بيانن، پريس ريليز، سوالن ۽ مختلف دعوائن ۾ عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي جي پاڪستان جي دوري جي ڏس ۾ پرامن ائٽمي پروگرام کي منفي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? واضح ڪيو ته پاڪستان جو ائٽمي ۽ ميزائيل پروگرام هڪ قومي اثاثو آهي جنهن جي رياست غيرتمندي سان حفاظت ڪري ٿي، اهو مڪمل پروگر??م مُڪمل طور تي محفوظ، فول پروف ۽ ڪنهن به دٻاءُ کانسواءِ آهي. هن چيو ته هي پروگرام ان مقصد کي هر طرح سان پورو ڪري ٿو جنهن جي لاءِ اها صلاحيت حاصل ڪئي ??ئي آهي.
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔