اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي پڻ صدر سان گڏ آهي، ايئرپورٽ تي بلوچستان جي گورنر ملڪ عب??الولي ڪاڪڙ اعلي?? صوبائي عملدارن سان گڏ صدر جو استقبال ڪيو. ايوان صدر جي پر??س ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي گورنر هائوس ڪوئيٽا اچڻ تي بلوچستان ڪانسٽيبلري جي دستي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو. بعد ۾ صدر بلوچستان جي گورنر سان ملاقات پڻ ڪئي، ملاقات ۾ صوبي جي مجموعي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. صدر ٻن ڏينهن جي دوري دوران 34 هين نيشنل گيمز جي پڄاڻي و??ري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. صدر گڊ گورننس جي فروغ ۾ محتسبن جي ڪردار تي سيمينار کي پڻ خطاب ڪندو.
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena