اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ايف سڪس ٽو ۾ آءِ سي جي انتظام هيٺ اسٽوڊنٽ پروجيڪٽ ??يگزيبيشن بيانڊ دي ڪلاس روم جو دورو ڪيو. مدد علي سنڌي چيو ته آئون پرنسپل ۽ استادن کي مبارڪون ڏيان ٿو، مون کي انتهائي خوشي آهي ته اسان جي شا??ردن جي پريڪٽيڪل ناليج تي به زور ڏنو پيو وڃي. وفاقي وزير حصو وٺندڙ شا??ردن لاءِ پنج، پنج هزار روپين جي انعام جو اعلان ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته هر قسم جو دنياوي علم حاصل ڪريون، دنياوي علم هاڻي ڪلاس روم کان گهڻو اڳتي هليو ويو آهي ۽ اسان کي به هاڻي دنيا جي ڪامياب ترين قومن سان گڏجي هلڻ گهرجي. هن چيو ته شا??رد اسان جي قوم جو مستقبل آهن کين هر قسم جون سهولتون ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته استاد شا??ردن جي پرورش ۾ اه?? ڪردار ادا ڪندا آهن، اسان کي ان ذميواري جو حق هر لحاظ کان پورو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ انهن شا??ردن جي صلاحيت ڏسي مون کي يقين ٿي ويو آهي ته اسان جو مستقبل مضبوط هٿن ۾ آهي. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن اسان جي سم??رن اسڪولن ۽ ڪاليجن جو اهڙو معيار هجي ته ڪنهن کي به پرائيويٽ اسڪولن ۾ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي.
تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي طرفان اسٽوڊنٽ پروجيڪٽ ايگزيبيشن بيانڊ دي ڪلاس روم جو دورو
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná