اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل (سياسي) ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ خصوصي نمائندو يوسف الدوبي پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل ڏينهن هن پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي سان ملا??ات ڪئي ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (گڏيل قومون) جي سفير سيد حيدر شاهه سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سان پ?? ملا??ات ڪئي. ترجمان چيو ته خصوصي نمائندو يوسف الدوبي اڄ پاڪستان جي نگران وزيراعظم ۽ نگران پرڏيهي وزير سان ملا??ات ڪندو، هو آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو پڻ ڪندو. هن چيو ت?? هي دورو مارچ 2022ع جي ايڪشن پلان موجب آهي جيڪو او آءِ سي رابطا ??روپ ڄمون ۽ ڪشمير تي اختيار ڪيو آهي جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصوصي ايلچي کي زميني صورتحال بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ خطي جي سالياني دورن جو اهتمام ڪرڻ جو مينڊيٽ ڏنو ويو هو ته جيئن هو پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل کي پنهنجي مشاهدن جي رپورٽ پيش ڪري.
اسلامي تعاون تنظيم جو اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل (سياسي) ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ خصوصي نمائندو پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری