اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ننڍي کنڊ جي عظيم مفڪر، فلسفي، سياسي اڳواڻ ۽ شاعر مشر?? ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي سياسي جلا بخشي، انهن ??ي اندر تحريڪ پيدا ڪئي، انهن کي غفلت جي خواب مان جاڳايو ۽ پنهنجي تقدير جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري اقب??ل ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڄ جي ڏينهن ا??ان سڀ ننڍي کنڊ جي عظيم مفڪر، فلسفي، شاعر ۽ سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر علامه ماقبال کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، اڄ جي ڏينهن پوري قوم مفڪر پاڪستان علامه اقبال جي علمي، فڪري ۽ سياسي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿي. هن چيو ته علامه اقبال جي شآعري نه رڳو اردو زبان جي تاريخ ۾ هڪ روشن باب جي حيثيت رکي ٿي پر هن پنهنجي ڪلام جي ذريعي ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي سياسي جلا بخشي ۽ انهن ??ي اندر تحريڪ پيدا ڪئي، علامه اقبال انهن کي غفلت جي خواب مان جاڳايو ۽ پنهنجي تقدير جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو. سندس چوڻ هو ته علامه اقبال پنهنجي شاعري ۽ خطبن جي مدد ??ان قوم جي رهنمائي ڪئي ۽ انهن ??ي اندر سياسي شعور بيدار ڪيو، ان مقصد جي لاءِ هن نوجوانن کي پنهنجي شاعري جو موضوع بڻايو ۽ انهن کي پنهن??ي اندر خودي جو جذبو ۽ عقابي روح بيدار ڪرڻ جو سبق ڏنو. صدر چيو ته علامه اقبال چاهيندو هو ته ننڍي کنڊ جا مسلمان خاص طور تي نوجوان خودي جي فلسفي کي اختيار ڪندي پنهن??ي اندر خوداعتمادي پيدا ڪن ۽ اهي صفتون پيدا ڪن جن ??ان اهي پنهنجي قوم جي تقدير بدلائي سگهن، هو تعليم جي شعبي ۾ پنهنجي قوم جي ترقي جو خواهشمند هو، نه رڳو جديد علم حاصل ڪرڻ جو وڏو حامي هو پر هن قوم جي نوجوانن کي قرآن حڪيم ??ان رشتو ڳنڍڻ جو پڻ درس ڏنو. هن چيو ته ڪلام اقبال ا??ان کي اهو پيغام ڏي ٿو ته شجاعت، دانائي، اعليٰ ڪردار، بهترين اخلاق، عزت نفس، دورانديشي ۽ خوداعتمادي ئي اهي اعليٰ ترين انساني صفتون آهن جيڪي نه رڳو هڪ شخص پر قوم کي به نئين زندگي عطا ڪن ٿيون. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته علامه اقبال جو خودي جو فلسفو انقلابي حيثيت رکندڙ آهي، هن پنهنجي شاعري ۾ مسلمانن کي اميد جو پيغام ڏنو ۽ انهن ??ي اندر هڪ نئون جذبو ۽ نئين سوچ پيدا ڪئي. هن چيو ته علامه اقبال نه رڳو مسلمان امت کي پنهن??ي اندر اتحاد، اتفاق ۽ يڪجهتي پيدا ڪرڻ جو پيغام ڏنو پر قوم کي درپيش وڏن چئلينجز جي نشاندهي پڻ ڪئي، ان جو پيغام عالمي حيثيت رکندڙ آهي ۽ ا??ان کي اڄ به مسلمان امت ۽ پاڪستان کي درپيش موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اقبال جي خودي جي فلسفي تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته اقب??ل ڏهاڙو ا??ان کي نه رڳو پيغام اقبال کان آگاهي حاصل ڪرڻ پر ان کي انفرادي ۽ قومي سطح تي اختيار ڪرڻ جي پڻ ياد ڏياري ٿو، اڄ جي ڏينهن ا??ان نه رڳو علامه اقبال کي ان جي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا پر ان جي پيغام تي عمل ڪرڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪريون ٿا. اچو عزم ڪريون ته ا??ان علامه اقبال جي خيالن ۽ فڪر کي پنهنجي لاءِ مشعل راهه بڻائيندي پاڪستان کي هڪ جديد اسلامي فل??حي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪنداسين.
علامه محمد اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي سياسي جلا بخشي، انهن جي اندر تحريڪ پيدا ڪئي، انهن کي غفلت جي خواب مان جاڳايو ۽ پنهنجي تقدير جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ