اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي ۾ دوست ملڪن سان تعاو?? وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار تيونس، روس، ترڪيه، بلغاريه، بوسنيا، تاجڪستان، جاپان، چيڪ ريپبلڪ، ڏکڻ ڪوريا ۽ برازيل جي اعزازي ڪائونسل جنرلز سان ??لا??ات دوران ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس ??لا??ات ڪئي. وفد صدر کي عالمي لاڳاپن ۽ واپار جي فروغ ۾ اعزازي ڪائونسل جنرلز جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي ??ي ڳالهائيندي صدر دوست ملڪن سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي ۾ دوست ملڪن سان تعاو?? وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته اعزازي ڪائونسل جنرلز پاڪستان جي صنعت ۽ واپار وارن ايوانن سان رابطا وڌائين، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. صدر چيو ته اعزازي ڪائونسل جنرلز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري راغب ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ??لا??ات ۾ صدر غزه جي موجوده صورتحال تي ??ڻتي جو اظهار ڪندي جنگبندي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
پاڪستان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي ۾ دوست ملڪن سان تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ