اسلام آباد – 19 – جنوري (ا?? پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ گڏيل اعتماد ۽ ??عا??ن جي جذبي جي بنياد تي ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو ا??هار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل اعتماد ۽ ??عا??ن جي جذبي جي بنياد تي ايران سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو ا??هار ڪيو. نگران پرڏيهي وزير ان ڳا??هه تي زور ڏنو ته علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي احترام جي ان ??عا??ن کي سگهه ڏيڻ گهرجي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ان ڳا??هه تي اتفاق ڪيو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين رخن تي ورڪنگ ليول جي ??عا??ن ۽ ويجهي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. هنن ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي سفيرن جي پنهنجي پنهنجي گادي وارن شهرن ۾ واپسي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جو ايران جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ رابطو، ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت