اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ واپار بابت نگران وفاقي وز??ر ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو آه?? ته 40 سال اڳ سعودي عرب جي حڪومت پاڪستانين کي شا??ه فيصل مسجد جو تحفو ڏنو، هاڻ ان مسجد کي وڌيڪ خوبصورت بنائڻ لاءِ ان جي رنگ روغن ٿي رهيو آه??. پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪي سان گڏ شا??ه فيصل مسجد جي دؤري جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. گهرو معاملن وارو سيڪريٽري آفتاب اڪبر دراني، ضلعي انتظاميه ۽ سي ڊي اي جا عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. گهرو وز??ر سعودي سفير سان گڏ ظهر جي نماز ادا ڪئي، جنهن کان پوءِ هنن شا??ه فيصل مسجد جي مرڪزي هال ۽ وڏي اڱڻ ۾ مختلف هنڌن جو معائنو ڪيو. صحافين ڳالهائيندي نگران وفاقي وز??ر چيو ته جڏهن مون گهرو ??زا??ت جو منصب سنڀاليو ته پهرئين جمعي جي نماز شا??ه فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي. سعودي سفير جو شڪرگذار آه??ان جنهن ذاتي دلچسپي وٺندي شا??ه فيصل مسجد جي رنگ روغن شروع ڪرايو، هن چيو ته شا??ه فيصل مسجد جو شمار پاڪستان جي خوبصورت ترين مسجدن ۾ ٿئي ٿو. ان موقعي تي سعودي سفير چيو ته سعودي حڪومت طرفان شا??ه فيصل مسجد پاڪستانين لاءِ هڪ تحفو آه??. هاڻ ان مسجد ۾ رنگ روغن شروع ڪيو ويو آه??. گهرو وز??ر سميت ٻين اسٽيڪ هولڊرز شا??ه فيصل مسجد جي رنگ روغن ۾ تعاون ڪري رهيا آه??، اهو ڪم جلد مڪمل ٿي ويندو.
شاهه فيصل مسجد جي رنگ روغن ٿي رهي آهي: نگران گهرو وزير جي سعودي سفير سان گڏ فيصل مسجد جي دؤري جي موقعي تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک