اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ سڌارن ۽ ترقي جي ??يجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ نئين مضبوط ۽ پرجوش ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تي ڪم ڪرڻ تي متفق ٿي ويا آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڏکڻ ايشيا جي لاءِ ورلڊ بئنڪ جي ??لائقائي نائب صدر مارٽن رائسر وفد سان گڏ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڪنٽري نمائندو ناجي ??ينهسين پڻ موجود هو. مارٽن رائسر جي ??جيان ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ??رقي ۾ عالمي بئنڪ جي ??عاون کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ 2022ع جي ٻوڏ جي ڏس ۾ موسمياتي لچڪدار انفراسٽرڪچر جي ??عمير جي لاءِ بئنڪ پاران ڏني ويندڙ امداد کي ساراهيو. هن وفد کي حڪومت جي ??ڌاراجاتي ايجنڊا بابت ٻڌايو جنهن ۾ ٽيڪس جي پوري نظام جي ڊيجيٽائيزيشن، پاور سيڪٽر ۾ سڌارن، زرعي شعبي ۾ في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي، ٻارن جي واڌويجهه جي مسئلي کي حل ڪرڻ شامل آه??. پاڪستان جي ??ارحاڻي سڌاراجاتي ايجنڊا کي ساراهيندي مارٽن رائسر چيو ته عالمي بئنڪ پائيدار ترقي جي مقصد سان معيشت جي ??بديلي جي ??فر ۾ پاڪستان سان تعاون ڪرڻ جي لاءِ تيار آه??. ٻنهي ڌرين هڪ نئين ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت هڪ ڊگهي مدي واري حصيداري ۾ شامل ٿيڻ تي اتفاق ڪيو جنهن ۾ سالياني جائزي مڪينزم سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته نتيجا حاصل ٿين، حڪمت عملي ۾ مستقبل جي ??رورتن جي ??مويلت لاءِ لچڪ شامل هوندي، نئين حصيداري هڪ ڏهاڪي دوران پاڪستان جي لاءِ اهم ترقياتي ترجيحن جي مخصوص ڏس ۾ تبديلي جا اثر حاصل ڪرڻ جي ??واهش رکي ٿي. ترجيحن جي ??روعاتي شعبن ۾ جن تي اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي انهن ۾ ڍانچاجاتي اقتصادي سڌارا بشمول گهريلو وسي??ن کي متحرڪ ڪرڻ خاص طور تي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ٽيڪس پاليسي ۾ سڌارا شامل آه??. انساني سرمائي جي واڌويجهه خاص طور تي ٻارن جي واڌويجهه ۽ بنيادي تعليم کي بهتر بڻائڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اهڙي طرح توانائي جي ??عبي ۾ سڌارن، بشمول ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن ۾ نجي ??عبي جي ??صيداري ۾ اضافي ۽ توانائي کي سستو، صاف سٿرو ۽ مالي طور تي پائيدار بڻائڻ جي لاءِ گرين انرجي ??رف منتقلي تي پڻ اتفاق ڪيو ويندو. پاڻي جي وڌندڙ کوٽ ۽ آبهوا بابت تبديلي کي بهتر طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين موسمياتي موافقت ۾ تعاون تي زور ڏنو. زرعي شعبي سميت معاشي موقعن ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان عالمي مهارت ۽ بهترين طريقن کي متحرڪ ڪرڻ، اداراجاتي صلاحيت جي ??عمير، ڊيجيٽل تبديلي مان فائدو کڻڻ ۽ نجي ??عبي جي ??صيداري ۾ عالمي بئنڪ، نجي ??عبي، عالمي مالياتي اداري، ڪارپوريشن ۽ گهڻ رخي سيڙپڪاري جي گارنٽي ايجنسي جي ??ريعي عالمي سطح جي مهارت مان فائدو کنيو ويندو. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته نئين ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جي ??ياري جو عمل وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏوگڏ تعليمي ماهرن، پارليامينٽ ميمبرن، سول سوسائٽي، ترقياتي حصيدارن ۽ نجي ??عبي سان مشاورت تي ٻڌل هوندو. عالمي بئنڪ ڌرين سان رابطو قائم ڪندي ته جيئن حصيداري جي ??رجيحن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي جيڪا پاڪستان حڪومت جي ??هم ترقياتي ترجيحن ۽ حڪمت عملي موجب آه??. عالمي بئنڪ جي ڪنٽري نمائندي مسٽر ناجي ??ينهسين ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي ??يڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ان سلسلي ۾ پڌرنامي تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ موجود هو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ڊاڪٽر جهانزيب خان ۽ پاڪستان حڪومت جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ سڌارن ۽ ترقي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ نئين مضبوط ۽ پرجوش ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تي ڪم ڪرڻ تي متفق
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2