اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) افغانستان بابت پاڪستان جي خصوصي نمائندي سفير آصف علي خان دراني دوحه ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ افغانستان بابت خصوصي ايلچين جي دوحه ٽئين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي ??يادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتازه زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جي خصوصي نمائندي اجلاس ۾ افغانستان جي ??وجوده صورتحال تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. هن افغانستان جي ??عاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ افغانستان جي ??ناهگاهن مان ٽي ٽي پي جي دهشتگرد سرگرمين سان لاڳو خطري کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ افغان عبوري ??ڪومت جي ??چ ۾ پ??رين جولاءِ 2024ع تي ٻطرفا اجلاس ٿيا ج?? ۾ ڌرين امن ۽ سلامتي سميت گڏيل ڳڻتي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته پاڪستان علائقائي استحڪام ۽ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي ??اءِ پاڪستان جي عزم کي مضبوط بڻائڻ جي ??اءِ ڪوششن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سفير آصف علي خان دراني دهشتگردن جي ??ناهگاهن ۽ افغانستان ۾ دهشتگرد گروپن جي سپورٽ نيٽ ورڪس بابت پاڪستان جي خدشن کي پڻ اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته ان موقعي تي پاڪستاني نمائندي آمريڪا، چين،قطر، روس، ازبڪستان، يورپي يونين، برطانيا، ناروي ۽ هالينڊ جي ??فدن سان لاڀائتي ملاقات ڪئي. پاڪستاني وفد پاڪستان، افغانستان، ازبڪستان ۽ قطر جي ??چ ۾ چار ڌريي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ترجمان چيو ته ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ تعاون جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ افغانستان جي رستي پاڪستان کي ازبڪستان سان ڳنڍيندڙ ريلوي منصوبي جو جائزو ورتو ويو.
افغانستان بابت پاڪستان جي خصوصي نمائندي سفير آصف علي خان دراني پاران دوحه ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ افغانستان بابت خصوصي ايلچين جي دوحه ٽئين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil