اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چي?? آهي ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر منصوبا بنائڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي فنانسنگ ۾ نجي شعبي کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن اها ڳالهه اڪيومن پ??ڪس??ان جي انتظام هيٺ ڪلائميٽ ايڪشن فار پ??ڪس??ان جي موضوع تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ناڻي واري وزير چي?? ته موسمياتي تبديلين سبب دنيا جا ڪيترائي خطا متاثر ٿي رهيا آهن. پ??ڪس??ان موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙن ملڪن ۾ سڀ کان مٿي آهي. هن چي?? ته 2022ع ۾ موسمياتي تبديلين سبب پ??ڪس??ان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي، ان ٻوڏ سبب پ??ڪس??ان کي 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو نقصان پهتو. ناڻي واري وزير چي?? ته جنيوا ڪانفرنس ۾ مختلف ملڪن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيدارن ۽ عالمي ادارن پ??ڪس??ان لاءِ اٽڪل 9 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي مدد جو اعلان ڪيو تنهن هوندي به پ??ڪس??ان کي اعلان ڪيل مدد موجب فنڊ نه مليا. هن چي?? ته موسمياتي فنانسنگ لاءِ موثر منصوبا بڻائڻ جي ضرورت آهي. موسمياتي فنانسنگ ۾ نجي شعبي کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ ان حوالي سان نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ناڻي واري وزير چي?? ته آءِ ايم ايف جي انتظامي بورڊ سان موسمياتي فنانسنگ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسان کي اميد آهي ته هلندڙ مهيني جي پڄاڻي تائين آءِ ايم ايف جو انتظامي بورڊ اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏيندو. ناڻي واري وزير چي?? ته پ??ڪس??ان جي معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن آهي. پائيدار اقتصادي واڌ ۽ ترقي لاءِ سڌارن جو عمل جاري رهندو. هن چي?? ته مضبوط معيشت لاءِ ٽيڪس جي نظام ۾ واڌارو، نظام ۾ شفافيت، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ گورننس ۾ بهتري آڻڻ ضروري آهي. حڪومت ان حوالي سان ضروري قدم کڻي رهي آهي. ناڻي واري وزير چي?? ته آبادي ۾ اضافي سان گڏوگڏ وسيلن ۾ به اضافو ضروري آهي، پ??ڪس??ان کي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا.
موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر منصوبا بنائڻ جي ضرورت آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں