اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اوڀر غزه ۾ الطبين اسڪول تي اسرائيل حملي جي شديد لفظن ۾ مذ??ت ڪئي ??هي، جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ شهري فوت ۽ ڪيترائي ??خمي ٿي پيا. پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته بي گهر ماڻهن کي پناهه ڏيندڙ هڪ پناهگيرن سان ڀر??ل اسڪول تي حملو، خاص طو?? تي جڏهن اهي فجر جي نماز ادا ڪري رهيا هئا، اهو افسوسناڪ، غير انساني ۽ بزدلاڻو عمل آهي. شهري آبادين ۽ ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ عالمي انساني قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي. ترجمان زور ڀريو ته اسرائيل کي غزه م انهن جنگي ڏوهن ۽ نسل ڪشي جي واقعن تي جوابده هئڻ گهرجي. ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومن ۽ اسرائيل جي حامين کان مطالبو ڪيون ٿا ته غزه جي نسل ڪشي جي خاتمي ۽ غزه جي عوام جي تحفظ لاءِ فوري قدم کڻن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر