اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) بچاءَ ۽ دفاعي پيداوار ۽ هوابازي بابت وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان مصر جي س??ير ايهاب عبدالحميد ۽ زمبابوي جي س??ير تيتوس مهليسوا جوناٿن ابوباستو ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جا معاملا ۽ ٻه طرفي س??ڪار وارا معاملا بحث هيٺ آيا. مصر جي س??ير ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن اسلام آباد ۾ بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف سان ملاقات ڪئي. بچاءَ واري وز??ر چيو ته پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ ٻه طرفه لاڳاپا خوشگوار ۽ گڏيل اعتماد تي ٻَڌل آهن. هن چيو ته مصر خطي جو هڪ اهم ملڪ آهي ۽ ان جي استحڪام ?? ترقي وچ اوڀر جي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي. بچاءَ واري وزير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان غزه تي اسرائيلي جارحيت جي س??ت مذمت ڪري ٿو ۽ فلسطين ۾ پنهنجن ڀائرن سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري ٿو. خواجه محمد آصف چيو ته مصر ۽ پاڪستان وچ ۾ دفاعي پيداوار سميت سمورن شعبن ۾ وڌڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. معزز مهمان نيڪ تمنائن لاءِ وفاقي وزير جو شڪريو اد?? ڪيو ۽ بچاءَ سميت گڏيل دلچسپيءَ جي س??ورن معاملن ۾ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کان آگاهه ڪيو. زمبابوي جي س??ير تيتوس مهليسوا جوناٿن ابوباستو به بچاءَ واري وزير سان ملاقات ڪئي. بچاءَ واري وزير پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ گڏيل قدرن ۽ جدوجهد جي گڏيل تاريخ تي ٻَڌل ٻه طرفا لاڳاپا آهن. هن زمبابوي س??ن سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو. ٻنهي ڌُرين ٻه طرفي س??ڪار جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي شعبن ۾ ان کي اڳيان وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
دفاع واري وزير خواجه محمد آصف سان مصر جي سفير ۽ زمبابوي جي سفير جون ڌار ڌار ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados