اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) نجڪاري، سيڙپڪاري ۽ مواصلات واري وف??قي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته چين اسان جو ٻيو وطن آهي، ڏکويل چيني خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ڪراچيءَ ۾ چيني گاڏيءَ تي خودڪش حملي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي وف??قي وزير افسوس جو اظهار ڪن??ي چيو ته پاڪ- چين دوستي تي حملو ڪندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن، اسان واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. وف??قي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين و چ ۾ ڪاروباري ڀائيواري ۽ وڏي سيڙپڪاري ملڪ دشمن عنصرن کان هضم ناهي ٿي رهي. عبدالعليم چيو ته قومي سلامتي جا ادارا دهشتگردي جي ناسور کي جلد ئي پاڙؤن پٽي اُڇلائيندا. پاڪ- چين دوستي هر طرح جي حالتن ۾ آزمايل آهي، اهڙين ڪاررواين سان اهي لاڳاپا ڪمزور نٿا ٿي سگهن. عبدالعليم خان وڌيڪ چيو ته چين اسان جو ٻيو وطن آهي، ڏکويل چيني خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.
پاڪ- چين دوستي تي حملو ڪندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados