لاهور- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام ??با?? جي امن امان جي صورتحال کي ضابطي ۾ رکڻ جي حوالي سان گهرو معاملن وا??ي وفاقي وزير ، اسلام ??با?? انتظاميه ۽ اسلام ??با?? پوليس جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته اسلام ??با?? تي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي اسلام ??با?? پوليس شاندار ڪردار ادا ڪي??، پاڪ فوج، پنجاب پوليس ۽ رينجرز به اسلام ??با?? ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار وزيراعظم، گهرو معاملن وا??ي وفاقي وزير سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفاقي گهرو وزير، وزيراعظم کي اسلام ??با?? جي تازه ترين صورتحال تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم اسلام ??با?? جي امن امان جي صورتحال کي ضابطي ۾ رکڻ جي حوالي سان وفاقي گهرو وزير، اسلام ??با?? انتظاميه ۽ اسلام ??با?? پوليس جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪانسٽيبل حميد شاهه عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪندي شهادت ماڻي، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري. وزيراعظم چيو ته قوم اها قرباني هميشه ياد رکندي، شهيد سپاهي جي وا??ثن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. وزيراعظم هدايت ڪئي ته شهيد جي وا??ثن جو مڪمل طور تي خيال رکيو وڃي. هن چيو ته اسلام ??با?? جي شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويو. صورتحال تيزي سان معمول طرف اچي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته معيشت جي ترقي ۽ مملڪت خداداد جي خوشحالي اسان جي اولين ترجيح آهي، سياسي مخالفن کي پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري هضم نه ٿي رهي آهي، دنيا پاڪستان جي معاشي پاليسين جي واکاڻ ڪري ٿي، سياسي مخالف پاڪستان جي ترقي ۾ رنڊڪ و??هڻ چاهين ٿا. پاڪستان جي معيشيت جي حوالي سان ڪنهن کي غير قانوني طور تي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ نه ڏينداسين، ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ عالمي تقريبون معمول موجب ٿينديون. هن چيو ته سيڪيورٽي جا بهترين ۽ اعليٰ معيار جا انتظام ڪيا پيا وڃن جنهن تي سڄو ڌيان آهي. ان موقعي تي گهرو وزير وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اهم شاهراهون ٽريفڪ لاءِ کوليون ويون آهن، صورتحال تيزي سان معمول تي اچي رهي آهي، گهرو وزير، وزيراعظم کي سريلنڪا کان پاڪستاني قيدين جي واپسي تي به بريفنگ ڏني ۽ چيو ته سريلنڪا ۾ قيد 56 پاڪستاني قيدي اڄ وطن واپس پهچندا. گهرو وزير چيو ته نجڪاري وا??و وفاقي وزير عبدالعليم خان سريلنڪا کان پاڪستاني قيدين جي وطن واپسي جا سمورا خرچ برداشت ڪندو. وزيراعظم سريلنڪا کان قيدين جي واپسي جي حوالي سان وفاقي گهرو وزير ۽ نجڪاري وا??ي وزير جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي ملاقات، اسلام آباد جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena