مڪو شريف_ 02 جولاءِ(اي پي پي) مسجدالحرام ۾ الرواق ا??سع??دي سعودي دالان مان هڪ ڪلاڪ ?? 01 لک 07 هزار حاجي سڳورن الوداعي طواف ڪيو. ميڊيا رپورٽن موجب سعودي دالان مان پهريون ڀيرو حج ۾ فائدو حاصل ڪيو ويو آهي، ان سان طواف جي گنجائش وڌي وئي آهي، هڪ ڪلاڪ ?? هڪ لک حاجي سڳورن الوداعي طواف ڪيو. سعودي دالان چار ماڙ ۽ ان جي ايراضي 02 لک 10 هزار چورس ڪلو ميٽر آهي، جٿي 2 لک 87 هزار ماڻهن جي نماز جي گنجائش آهي جڏهن ته هڪ ڪلاڪ ?? 01 لک 07 هزار ماڻهو طواف ڪري سگهن ٿا. شاه فهم بن عبدالعزيز جي حڪم تي سعودي دالان ۾ اولهه طرف توسيع ڪئي وئي آهي، هتي 10 لک ماڻهو هڪ ئي وقت ۾ نماز ادا ڪري سگهن ??ا، سعودي دالان ۾ باب الملڪ فهد جو پڻ اضافو ڪيو ويو آهي، واضع رهي ته سعودي دالان جي تعمير جو ڪم 1955 ۾ شاه سعود جي زماني ۾ شروع ڪيو ويو هو.
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم