سانيا (چين) – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي علائقي رابطا، آزاداڻي واپار ۽ وسيع تر اقتصادي ترقي کي برداشت ۽ دوستي جي فروغ ۽ انتهاپس??دي جي روڪٿام لاءِ اهم قرار ڏي??دي چيو آهي ته خطي ۾ حقيقي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ ۽ جامع ڪوششن جي ذريعي امن، ترقي ۽ خوشحالي ??ي گڏيل مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن اها ڳالهه چين جي صوبي هينان ۾ ايشيا بابت بائو اقتصادي فورم جي افتتاحي تقريب ۾ چئي. وزيراعظم چ??و ته تازي تازيخ ۾ پاڪ ??ين لا??اپ?? جو ڪو مثال نٿو ملي هر لحاظ کان اسان هڪجهڙا ڀائر آهيون، اسان جي خطي ۾ اسان جي وڌندڙ دوستي استحڪام جي علامت آهي، هن چيو ته پاڪستان وسيع تر رابطن جي ذريعي امن ۽ خوشحالي جي نئين دور جي آغاز لاءِ چين سان حصيداري ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾ اڄ قدم به قدم هڪ بهادر نئون ايشيا جڙي رهيو آهي، هن چيو ته پاڪ ??ين اقتصادي لنگهه ”بيلٽ اينڊ روڊ قدم“ جو فليگ شپ منصوبو آهي جنهن جا ڏور رس ثمر نڪرندا.
علائقي رابطا، وسيع تر اقتصادي ترقي انتهاپسندي جي روڪٿام لاءِ اهم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ