اسلام آباد ??? 22 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ملائيشيا جي تجربي مان فائدو کڻي سگهي ٿو، 30 سالن کان اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيو??، اسان پنهنجي ملڪ ۾ امن قائم ڪيو جيڪو اقتصادي ترقي جي لاءِ ضروري آهي، ان جو ثمر ايندڙ سالن ۾ ملندو، اسلام فوبيا جي خلاف مسلمان ام?? پاڪستان ۽ ملائيشيا جي قيادت طرف ڏسي رهي آهي، پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. ايوان صدر ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم جي مان ۾ ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تعاون جا ڪيترائي موقعا موجود آه??، اسان ملائيشيا کان تمام ??هڻ?? ڪجهه سکيو آهي.
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ