اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جو سڀ کان قيمتي اثاثو اسان جا نوجوان آهن ۽ نوجوان آبادي جو فائدو تڏهن ٿيندو جڏهن اسان انهن کي تعليم ۽ هنر ڏينداسين، مديني جي رياست اسان جي لاءِ رول ماڊل آهي جنهن جي بنياد تي هڪ اهڙي عظيم تهذيب جو بنياد پيو جن??ن 700 سالن تائين دنيا جي قيادت ڪئي، معاشري جي ڪمزور طبقن کي اڳتي وٺ?? وڃڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، غريب ۽ مستحق شاگر??ن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا جاري ڪرڻ مديني جي رياست جي ماڊل جو تسلسل آهي، احساس جي تحت سموريون اسڪيمون ميرٽ ۽ شفافيت جي بنياد تي اڳتي وڌائي رهيا آهيون، ??ن ۾ سياسي عمل دخل نه هوندو، احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگ??ام سان پاڪستان جو بهترين ٽيلينٽ سامهون ايندو. احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگ??ام جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان اسڪالرشپ پروگ??ام شروع ڪرڻ تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ شاگر??ن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا ڏيڻ جو هيستائين جو سڀ کان وڏو پروگ??ام آهي جنهن سان کيس دلي خوشي ٿي آهي.
اسان جو سڀ کان قيمتي اثاثو اسان جا نوجوان آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے