اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آه?? ته تعليمي سال 21 -2020ع لاءِ احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ آن لائن پورٽل کوليو ويو آه??، ملڪ جي 119 پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين ۾ انڊر گريجوئيٽ پروگرامن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ سمورا شاگرد ا??ڪالرشپ ڏيڻ جي لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا، جن شاگردن جي فيملي انڪم 45000 روپين کان گهٽ آه?? احساس اسڪالرشپ جي لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا، اهل ۽ مستحق شاگر آن لائين پورٽل https://ehsas.hec.gov.pk جي ذريعي درخواست ڏئي سگهن ٿا، اسڪالرشپ درخواست ۾ لاڳاپيل يونيورسٽين جو نالو لکڻ ضروري آه??، تعليمي سال 20 -2019ع ۾ مجموعي طور تي 4.827 ارب روپين جي لاڳت جون انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس شاگردن ۾ ورهايون ويون، وزيراعظم عمران ??ان 4 نومبر 2019ع تي ”احساس اسڪالرشپس پروگرام“ جو باضابطه افتتاح ڪيو هو، ان پروگرام تحت هر سال گهٽ آمدني وارن گهراڻن سان ??عل?? رکندڙ 50000 انڊر گريجوئيٽ شاگردن کي وظيفا ڏنا ويندا، ان چار ساله پروگرام مان 200000 شاگر مستفيد ٿيندا.
تعليمي سال 21 -2020ع لاءِ احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ آن لائن پورٽل کوليو ويو آهي: ڊاڪٽر ثانيه نشتر
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن