اسلام آب??د ?? 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ازبڪستان جي نائب و??يراعظم براءِ سيڙپڪاري ۽ پرڏيهي اقتصادي لاڳاپا سر دور عمر زقوف ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ڪووڊ -19 جي وبا، ٻه طرفي تعاون، علائقائي رابطاڪاري ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ملاقات ۾ موجود هو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، هن ازبڪستان جي صدر سان پنهنجي ملاقات جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان ع??لمي وبا جي ختم ٿيڻ تي سندس دوري جو منتظر هوندو، وزيراعظم چيو ته مختلف ريلوي منصوبن جي تعمير جي نتيجي ۾ واپار ۽ علائقائي رابطاڪاري جا موقعا وڌندا، ازبڪ نائب و??يراعظم ازبڪستان جي صدر طرفان وزيراعظم عمران خان جي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته هو پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.
وزيراعظم سان ازبڪستان جي نائب وزيراعظم جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ