اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صد?? ۾ مون سون وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳايو. مون سون وڻڪاري مهم 2021ع تحت ايوان صد?? جي اڱڻ ۾ اٽڪل 10 هزار ٻوٽا لڳايا ويندا. ايوان صد?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي صد?? چيو ته نوجوان وڌ کان وڌ وڻ لڳائي پاڪستان کي صاف ۽ شاداب بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته نوجوان نسل ملڪ جي قدرتي حسن کي محفوظ بڻائڻ جي ل??ءِ وڌ کان وڌ ون لڳائي ڇو ته موسمياتي تبديلي جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ، ايندڙ نسلن کي صاف ۽ صحتمند ماحول ڏيڻ جي ل??ءِ وڻ ضروري آهن. هن چيو ته پاڪستان کي تمام گهڻي خوبصورتي ۽ قدرتي وسيلن ??ان نوازيو ويو آهي، نوجوان نسل پنهنجي ڀرپاسي کي صاف سٿرو ۽ سرسبز رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جي اترين علائقن جي خوبصورت جاين طرف لکين سياح متوجه ٿيا آهن پر سياحن کي ماحول صاف رکڻ، آلودگي پکيڙڻ کان پاسو ڪرڻ جي ل??ءِ تعليم جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ماحولياتي نظام کي موسمياتي تبديلي، گلوبل وارمنگ ۽ ٻيلن ??ي واڍيءَ جي ڪري خطرا درپيش آهن. صد?? چيو ته ملڪ ۾ ٻيلن ۾ اضافي جي ل??ءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ دنيا جي مختلف حصن ۾ گليشيئر پگهڙڻ ۽ ٻوڏ جو سبب بڻجي رهي آهي. ان موقعي تي موسمياتي تبديلي واري خاص معاون مل?? امين اسلم صد?? کي مون سون وڻڪاري بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم تحت سڄي ملڪ ۾ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻوٽا لڳايا ويندا جڏهن ته 10 ارب ٽري سونامي جي پهرين مرحلي ۾ 2018ع کان 2023ع تائين 3.296 ارب وڻ لڳايا ويندا. مل?? امين اسلم چيو ته وڻڪاري مهم سان قدرتي ماحول جي تحفظ، ٻيلن ۾ اضافي ۽ گلوبل وارمنگ جا اثر گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ مون سون وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳايو
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2