ڪراچي – 30 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪن تي زور ڏنو آهي ته ??هي مارڪيٽ جي تازه ترين رجحانن ۽ مطالبن تي تحقيق ڪرڻ جي رجحان کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ يونيورسٽين سان رابطا قائم ڪن. اسلامي بئنڪنگ بابت چوٿين گول ميز ڪانفرنس ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي صدر چيو ته ??ڏهن يونيورسٽين جا شاگرد اڳ ۾ ئي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊ?? جي لاءِ مختلف موضوعن تي مطالعو ڪري رهيا آهن ته ??هڙي صورت ۾ تحقيق جي لاءِ جدا ادارو قائم ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ڪئي وئي. هن چيو ته ??يسرچ شاگردن کي بئنڪنگ سيڪٽر پاران رهنمائي ۽ سرپرستي ڏيڻ گهرجي ته ??يئن انهن جي ڪوششن کي مارڪيٽ جي ضرورتن ۽ جديد رجحانن سان هم آهنگ ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته ??هڙي طرح بئنڪن کي گهربل تحقيق حاصل ٿيندي جڏهن ته ??اگردن کي وڌيڪ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻ جي ترغيب مل??دي. هن چيو ته ڪنهن شخص جي موت جي فوري پوءِ دولت ۽ ملڪيت جي وراثت جي منتقلي پڻ اسلام جي تعليم جو روح آهي. هن پاڪستان ۾ اسلامي شرعي تعميل جي قدمن تي پڻ زور ڏنو. ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ سيڪٽر پاران عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مالي مدد جي لاءِ قرضن جو هڪ حصو وقف ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ته ??يئن اهي ملڪ جي پائيدار ترقي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن. ان کان اڳ ناڻي واري و??اقي وزير شوڪت ترين، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر ڊاڪٽر باقر رضا، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيئرپرسن ڊاڪٽر شمشاد اختر، سنڌ بئنڪ جي چيئرمين شريعه بورڊ اسلامڪ بئنڪنگ ڊويزن مفتي محمد نجيب خان پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته ??نڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ ٻيا معزز پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر عشرت حسين چيو ته ??سلامي بئنڪنگ سسٽم کي جديد چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت حاصل ٿي ۽ اها رواي??ي نظام جي متبادل طور سامهون اچي سگهي ٿي. هن چيو ته ٻنهي ڌرين کي اسلامي بئنڪاري تحت منافعي ۾ هڪ جهڙو شيئر مل??و آهي، جنهن کي هن نظام جي خوبصورتي قرار ڏنو. ڊاڪٽر عشرت حسين اسلامي بئنڪاري پاران نظرانداز ڪيل شعبن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ته ??سلامي بئنڪار?? جي سهولت 60 کان وڌيڪ ملڪن ۾ دستياب آهي ۽ چيو ته ??ها صحيح رخ ۾ گامزن آهي. هن ٻڌايو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني شهرين ان نظام ۾ گهري دلچسپي ورتي. هن ياد ڏياريو ته گذريل ٻن سالن ۾ شروع ڪيل سمورين اسڪيمن تي ماڻهن جو ردعمل ذڪر جوڳو هو. هن شرعي ڪمپلائنس جي نظام تحت زراعت ۽ ننڍي ۽ وچولي درج?? جي ڪاروباري ادارن (ايس ايم ايز) جي شعبن جي لاءِ مصنوعات کي ڊيزائن ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ته ??يئن انهن شعبن سان واڳيل ماڻهن کي سهولت فراهم ڪري سگهجي. ان موقعي تي خطاب ڪندي مف??ي نجيب چيو ته ??سلامي بئنڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پوري دنيا ۾ ڪوششون جاري آهن. مف??ي نجيب اها تجويز پڻ ڏني ته ??سلامي بئنڪاري کي ملڪ جي تعليمي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي. هن اسلامي بئنڪاري ۽ حلال انڊسٽر?? جي فروع بابت عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
بئنڪون مارڪيٽ جي تازن رجحانن ۽ مطالبن تي تحقيق ڪرڻ جي رجحان کي فروغ ڏيڻ لاءِ يونيورسٽين سان رابطا قائم ڪن: صدر
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے