اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڳوڻن دورن ۾ ??رپ??ن کي قانوني طريقي سان تحفظ فراهم ڪيو ويو، ??ڏهن لاهور – اسلام آباد موٽروي جو معاهدو ٿي رهيو هو، ??ين ان وقت لنڊن ۾ ايون فيلڊ اپارٽمينٽس خريد ڪيا پئي ويا، ملڪ ۾ اڄ مهانگائي ۽ ڪمزور معيشت جو بنيادي سبب ??رپ??ن آهي، (ن) ليگ رستن جي تعمير لاءِ هڪ هزار ڪروڙ جا مهانگا معاهدا ڪيا، وزيراعظم عمران خان سدائين چوندو رهيو آهي ته اسان کي مافيا آڏو آهي، هي اها مافيا آهي جنهن جي خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي ويڙهه آهي، عمران خان رستن جي خلاف نه آهي، ??رپ??ن جي خلاف آهي، (ن) ليگ رستن جي نالي تي تمام وڏي ??رپ??ن ڪئي، 1947ع کان 2008ع تائين پاڪستان جو قرض 6 ٽريلين هو جنهن کي آصف زرداري ۽ نواز شريف 2008ع کان 2018ع تائين 27 ٽريلين تائين پهچائي ڇڏيو، ??ڏهن اسان قرض واپس ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ قرض وٺون ٿا ته ان سان ملڪ جي خودمختياري متاثر ٿئي ٿي، اڳوڻي دور ۾ پاڪستان سان تمام وڏو ظلم ڪيو ويو، پاڪستان جي عوام جو رت نچوڙيو ويو، ??ڄ جيڪي ماڻهو واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي ر??يا آهن انهن جي ڪري ئي پاڪستان جي عوام کي مشڪلاتون درپيش آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ پريس ڪانفرن?? کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 4 ڊسمبر 2002ع تي ڊان اخبار ۾ هڪ خبر شايع ٿي جنهن ۾ چيو ويو ته اسلام آباد موٽروي جي لاڳت 60 ارب ڊالر کان وڌي وئي آهي. هن چيو ته موٽروي جي ڪل آمدني 45 ڪروڙ رپيا آهي جڏهن ته 60 ارب ڊالر جي اها موٽروي ٺهي. هن چيو ته عمران خان رستن جي خلاف نه آهي، هو ??رپ??ن جي خلاف آهي جيڪا رستن جي نالي تي ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته (ن) ليگ رستن جي نالي تي تمام وڏي ??رپ??ن ڪئي، جڏهن لاهور – اسلام آباد موٽروي جو معاهدو ٿي رهيو هو، ??ين ان وقت لنڊن ۾ ايون فيلڊ اپارٽمينٽس خريد ڪيا پئي ويا. هن چيو ته بدقسمتي سان ڦرلٽ جي ذريعي حاصل ڪيل پئسو ملڪ ۾ به نه لڳايو، ??هو ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موٽروي تي ڊائيو ڪمپني کي رڳو 2 ارب ڊالر اسان وياج جي مد ۾ ادا ڪيا. هن چيو ته موٽروي ضرور ٺهڻ گهرجي، رستن کانسواءِ ترقي جو تصور ئي نه آهي پر (ن) ليگ پنهنجي دور ۾ رستن جي آڙ ۾ ??رپ??ن جو ڪاروبار شروع ڪيو جنهن جي ڪري ملڪي معيشت ڪمزور ٿي. هن چيو ته جڏهن ملڪ جو وزيراعظم ۽ ڪابينا جا ميمبر گڏجي ??رپ??ن ڪندا ته پوءِ قومون تباهه ٿينديون آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته 1947ع کان 2008ع تائين 65 سالن ۾ پاڪستان جو قرض 6 ٽريلين هو، ??صف علي زرداري ۽ نواز شريف 2008ع کان 2018ع تائين ان قرض کي 27 ٽريلين تائين پهچائي ڇڏيو، ??سان ٽن سالن دوران 10 ارب ڊالر قرض واپس ڪيو. هن چيو ته اسان جڏهن به اڳوڻن دورن جا بجلي، رستن يا ترقي جا منصوبا ڏسون ٿا ته ??رپ??ن جو هڪ پهاڙ سامهون اچي ٿو، ??ريف فيملي ۽ زرداري فيملي پاڪستان مان ڦريل دولت ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪئي، شهباز شريف تي 25 ارب رپين جي ??رپ??ن جو ڪيس آهي، اها رقم شهباز شريف جي ملازمن جي اڪائونٽس مان انهن کي منتقل ڪئي وئي، هي اهي ڪيس آهن جن ۾ ڦريل رقم جي اسان کي خبر آهي، ان کانسواءِ ڦريل رقم جي اسان وٽ معلومات نه آهي. هن چيو ته جڏهن اسان قرض واپس ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ قرض وٺون ٿا ته ان سان ملڪ جي خودمختياري متاثر ٿئي ٿي، اڳوڻي دور ۾ پاڪستان سان تمام وڏو ظلم ڪيو ويو، پاڪستان جي عوام جو رت نچوڙيو ويو. (ن) ليگ رستن جي تعمير لاءِ هڪ هزار ڪروڙ جا مهانگا معاهدا ڪيا، اها ئي اها مافيا آهي جنهن جي خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي ويڙهه آهي، اڄ پيٽرول، ڀاڄيون، داليون مهانگيون ٿيڻ جو سبب اها ئي ??رپ??ن آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته (ن) ليگ قانوني طريقي سان ??رپ??ن کي تحفظ ڏنو، ??نهن 1990ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن موٽروي جو معاهدو ڪيو ته انهي وقت هنڊي ذريعي ايون فيلڊ اپارتمينٽس خريد ڪرڻ جي لاءِ رقم ٻاهرئين ملڪ موڪلي وئي، اسان ان ڪي?? کي ٻيهر کولڻ جي ڪوشش ڪري ر??يا آهيون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جنهن ملڪ جي مجموعي بجيٽ جو سڀ کان وڏو خرچ قرضن جي واپسي هجي ته ان ملڪ ۾ مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون. چوڌري فواد حسين چيو ته ملڪ ۾ تيل درآمد ٿئي ٿو، ??ن جو?? قيمتون عالمي مارڪيٽ سان واڳيل هونديون آهن، جيڪڏه?? قيمتن ۾ اضافو ٿئي ٿو ته ملڪ جي اندر قيمتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ان تي سبسڊي ڏيڻي پوي ٿي پر جيڪڏهن ملڪ تي قرضن جو بار هجي ته سبسڊي ڏيڻ ۾ مشڪلاتون ٿين ٿيون. هن چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف اڄ ڳوڙها ڳارين ٿا ته ڦرجي وياسين مري وياسين، انهن جي ڪري ئي اڄ مهانگائي آهي، واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙيندڙ انهن ماڻهن جي ڪري پاڪستان ۾ اڄ عوام کي مشڪل صورتحال درپيش آهي.
اڳوڻن دورن ۾ ڪرپشن کي قانوني طريقي سان تحفظ فراهم ڪيو ويو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ