اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ترڪي ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ميڊيا رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ٽيليويزن قائم ڪيو ويند??، ميڊيا حصيداري جي لاءِ فوڪل پرسنز ٺاهيا ويا آهن، جوائنٽ ميڊيا نيٽ ورڪ جوڙينداسين، او آءِ سي پليٽ فارم تحت اسڪالرز جو اهڙو يونٽ جوڙيو وڃي جيڪو مذهبي مسئلن ۾ رهنمائي ڪري سگهي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي او آءِ سي اجلاس جي موقعي تي مختلف نمائندن سان ملاقاتون ٿيون، افغانستان جي صورتحال بنيادي موضوع رهي، وزيراعظم رح??ت للعالمين اٿارٽي جو پڻ خاص طور تي ذڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ترڪيءَ ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ميڊيا رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ٽيليويزن قائم ڪيو ويند??، ميڊيا حصيداري جي لاءِ فوڪل پرسنز ٺاهيا ويا آهن، جوائنٽ ميڊيا نيٽ ورڪ جوڙينداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ شدت پسندي جي معاملن کي منهن ڏيڻ جي ض??ور?? آهي، او آءِ سي پليٽ فارم تحت اسڪالرز جو اهڙو يونٽ جوڙيو وڃي جيڪو مذهبي مسئلن ۾ رهنمائي ڪري سگهي. هن چيو ته رح??ت للعالمين اٿارٽي جي ذريعي سمورن اسڪالرز کي هڪ جڳهه تي گڏ ڪيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته او آءِ سي تحت اهڙو فورم جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جيڪو مذهبي بحث ۾ ايندڙ مسئلن کي حل ڪري سگهي. هن چيو ته رح??ت للعالمين اٿارٽي جي دائري کي سگهه ڏني ويندي، او آءِ سي تحت اهڙو ئي يونٽ جوڙيو ويندو.
پاڪستان ترڪي ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ميڊيا رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ٽيليويزن قائم ڪيو ويندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر