اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي سان بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن پاران پوليو جي خاتمي لاءِ فراهم ڪئي ويندڙ معاونت کي ساراهيندي چ??و ته پاڪستان ۾ پوري هڪ سال کان پوليو وائرس جو هڪ به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو ۽ صورتحال اميد جوڳي نظر اچي ٿي جڏهن ت?? اسان ان حوالي سان قدم جاري رکنداسين. هن وڌيڪ چ??و ته پوليو مهم جو تجربو ڪوويڊ 19 جي وبا دوران تمام گهڻو م??دگار ثابت ٿيو جنهن ۾ پاڪستان غيرمعمولي ڪارڪردگي جو م??اهرو ڪيو آهي. صدر هلال پاڪستان جو اعزاز حاصل ڪرڻ تي بل گيٽس کي مبارڪباد ڏيندي چ??و ته هي ايوارڊ انسانيت جي لاءِ ان جي فلاحي خدمتن جي اعتراف ۾ آهي. صدر چ??و ته پاڪستان ماءُ ۽ ٻار جي غذائي ضرورتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ احساس جو تمام سٺو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي بل گيٽس چ??و ته بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن پاران گيسٽرڪ مائيڪرو بايوم تي ڪئي ويندڙ تحقيق سان ان سلسلي ۾ ڪجهه چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر ڊاڪٽر عار?? علوي چ??و ته پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ مائيڪرو سافٽ سان شاندار تعاون جو منتظر آهي. هن چ??و ته پاڪستان ۾ نوجوانن جو وڏو انگ موجود آهي جيڪو چوٿين صنعتي انقلاب جي گهرجن کي منهن ڏيڻ ۾ تمام گهڻو م??دگار ثابت ٿي سگهي ٿو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام