اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪائونسل آف منسٽرز جي ڊپٽي چيئرپرسن ۽ بوس??يا اينڊ هرزيگووينا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽ?? بسيرا ??رڪوويچ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير ترڪويچ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ??اڪ??تان جي دوري تي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات دوران بوس??يا ۽ هرزيگووينا سان ??اڪ??تان جي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران افغانستان، ڄمون ۽ ڪشمير ۽ اسلامو فوبيا سميت سلامتي ۽ ٻين علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بوس??يا جي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بوس??يا ۽ هرزيگوينا سان ??اڪ??تان جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ انهن لاڳاپن کي سماجي، اقتصادي ۽ تعليم جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ ??ان گڏوگڏ عوام جي سطح تي لاڳاپن کي وسيع تناظر ۾ فروغ ڏيڻ ??و خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير ڊاڪٽ?? بسيرا ??رڪوويچ پنهنجي ملڪ جي تازه ترين سياسي اڳڀرائي جي باري ۾ پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو ۽ بوس??يا ۽ هرزيگووينا جي عوام جي حمايت تي ??اڪ??تان جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم بوس??يا ۽ هرزيگووينا جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت لاءِ ??اڪ??تان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم آهي.
وزيراعظم عمران خان سان ڪائونسل آف منسٽرز جي ڊپٽي چيئرپرسن ۽ بوسنيا اينڊ هرزيگووينا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوويچ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena