اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ يوريا ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ يوريا ۽ ڪڻڪ جي دستيابي کي يقيني ??ڻا??ڻ ۽ ذخيره اندوزي روڪڻ جي لاءِ مارڪيٽ ۾ طلب ۽ پهچ جو ٺوس نظام ??ڻا??ڻ سان گڏوگڏ اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ سخت بارڊر ڪنٽرول وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ يوريا جي اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته مارڪيٽ ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي جي مستحڪم ۽ گهٽ ا??هن تي دستيابي يقيني ??ڻا??ي وڃي ته جيئن ملڪ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ٿي سگهي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن ملڪ ۾ يوريا ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مارڪيٽ ۾ ق??متن کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ هر مهيني جي شروع ۾ 2 لک ٽن يوريا جي اسٽري??جڪ اسٽاڪ ۾ دستيابي ضروري آهي. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي پاڪستان جي آبادگارن ۽ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف پهچائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻن. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اجلاس ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، خوراڪ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽري??، آءِ جي پوليس، آءِ جي ايف سي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران ملڪ ۾ يوريا ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو فيصلو، يوريا ۽ ڪڻڪ جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ بارڊر ڪنٽرول وقت جي اهم ضرورت آهي: شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو