اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اردو يونيورسٽي پاران شاگرد ??ي ڊگري ۽ مارڪ شيٽُون روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 15 ڏينهن جي ??ند?? ڊگري جاري ڪرڻ جي هدايت ??ئي آهي، هن وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پاڪستان بيت المال جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اردو يونيورسٽي پاران شاگرد ??ي مارڪ شيٽ ۽ ڊگري روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن يونيورسٽي کي 15 ڏينهن جي ??ند?? شاگرد کي ڊگري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صدر پاڪستان بيت المال کي متاثر شاگرد ??ي شڪايت جو ازالو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. شاگرد کي وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ پاڪستان بيت المال جي وچ ۾ ضابطي جي ڪارروائي ۾ دير جي ڪري مارڪ شيٽُون ۽ ڊگري نه پئي ڏنيُون ويُون. صدر چيو ته ليٽ فيس جي ادائيگي جي معاملي کي حل ڪرڻ بدران يونيورسٽي غيرمنصفاڻي طور تي شاگرد ??ي ڊگري ۽ مارڪ شيٽُون روڪيون، پاڪستان بيت المال پاران فيس سڌوسنئون يونيورسٽي کي ادا ??ئي ويندي هئي، ادائيگي ۾ شاگرد ??و ڪو عمل دخل نه هو. صدر چيو ته يونيورسٽي کي چڱي ريت معلوم هو ته شاگرد ??حساس اسڪالرشپ پروگرام تحت تعليم حاصل ڪري رهيو هو، شاگرد ??بادالرح??ان (شڪايت ڪندڙ) بي بي اي جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽ جاري ڪرڻ جي لاءِ وفاقي محتسب کي اپيل ??ئي هئي. يونيورسٽي 122500 رپين جي رهتن جي ادائيگي نه ڪرڻ جي ڪري ڊگري روڪي هئي. وفاقي محتسب شاگرد ??ي حق ۾ فيصلو ڪندي بيت المال کي معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، بيت المال فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ??ئي جنهن کي رد ڪيو ويو.
صدر پاران وفاقي اردو يونيورسٽي پاران شاگرد جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽُون روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں