اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي شهيدن جي فرض سان لڳاءُ ۽ وطن سان محبت تي انهن کي سلام پيش ڪندي قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا آهن ۽ انهن ??ي حب الوطني جذبي کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر 4 مئي تي ديردوني اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان فون تي ڳالهه ٻ??لهه ڪئي. صدر حوالدار سليم ۽ نائيڪ جاويد جي پونئيرن سان ڳالهه ٻ??لهه ڪئي. صدر سپاهي بسم الله جان، سيد رجب ۽ حضرت بلال جي وارثن سان پڻ ڳالهه ٻ??لهه ڪئي. ڊاڪٽر عار?? علوي شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قربا??ي تي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيندي انهن ??ي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.
صدر پاران شهيدن جي فرض سان لڳاءُ ۽ وطن سان محبت تي کين سلام پيش
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش